SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ثقافتي ۽ لساني نسلي قومپرستي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ثقافتي ۽ لساني نسلي قومپرستي

Ethnic Nationalism

ايٿنڪ نيشنلزم

ڪنهن به مخصوص رياست جي حدن ۾ رهندڙ ساڳئي نسل جي آباديءَ سان شديد لاڳاپي ۽ گهري ڳانڍاپي واري احساس کي، ”لساني قومپرستيءَ“ جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. دنيا جي اڪثر رياستن جو گهڻ قومي يا گهڻ نسلي آباديءَ تي ٻڌل هجڻ ڪري، هي اصطلاح، دراصل قومن جي سياسي زندگيءَ جي حقيقتن کي تسليم ڪري ٿو. البت عليحدگي پسنديءَ ۽ لسانيت جي اثر هيٺ، اهو ساڳيو اصطلاح هڪ تحريڪ يا سياسي روش جو اظهار ڪري ٿو. ٻين ڪيترن اجتماعي جذبن جيان ”نسليت“ پنهنجي سببن ۽ نتيجن ۾، هڪ ئي وقت داخلي ۽ خارجي پهلو رکي ٿي. ڪنهن به رياست جو حصو هوندي، جيڪڏهن انساني آباديءَ جو ڪو گروهه پاڻ کي ٻيءَآباديءَ کان جدا آباديءَ طور سمجهندو، ته وقت گذرڻ سان، ايئن ڏسڻ ۾ به ايندو. پر ان لاءِ ضروري آهي، ته وٽس ڌار ٻولي، ثقافت ۽ قبائلي توڙي مذهبي سڃاڻپ هجي. ويهين صديءَ ۾ ”ثقافتي قومپرستيءَ“ جو مسئلو اهم رهيو آهي، ”قومن جي مجلس“ جي قيام دوران ، اهو ادارو وچ ۽ اوڀر يورپ جي نسلي ٿورائين جي وجود کان واقف هو، تنهڪري هن اداري نئين دور جي بين الاقوامي تعلقات ۾ انهيءَ پهلوءَ کي تسليم ڪندي، مسئلي کي اهميت ڏني. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آزاد ملڪن گهڻ نسلي سڃاڻپ کي تسليم نه ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ بيشمار لساني ۽ عليحدگي پسند تحريڪن جو اڀار ڏسڻ ۾ آيو، جنهن دنيا جي قيادت ۽ سياسي پارٽين لاءِ تمام گهڻيون ڏکيائيون پيدا ڪيون. سوويت يونين جي زوال ۽ يوگو سلاويه جي رياست ۾ آيل ڀڃ ڊاهه کان پوءِ، سڄي دنيا محسوس ڪيو، ته يورپ ۾ ”نسبيت“ جو معاملو ڪيترو شديد ۽ ڳنڀير آهي. ان کان علاوه اتر آئرلئنڊ ۾ ثقافتي متڀيد سبب ٿيل تشدد اولهه يورپ ۾ لساني، ثقافتي نسلي بنيادن تي جنم ورتل سياسي تحريڪون به هن مسئلي جي شدت کي اجاڳر ڪن ٿيون، انهيءَ ڪري ”نسبيت“ واري پهلوءَ کي مناسب اهميت ڏيندي، ان مسئلي کي سياسي جماعتن ۽ برادرين جو حصو بڻايو وڃي، ته بين الاقوامي تعلقات ۾ بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا، ان رويي جي ابتڙ اختيار ڪيل پاليسين صوماليا ۽ هيٽي ۾ تمام خوفناڪ گهرو لڙائيءَ کي جنم ڏنو.


Remember Me Also:

کينتل ٻيلا

کِرٿلو. ٽپڙٽاڙي ، وسد وسلا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal